Ghulam Ali Sindh غلام علي سنڌي

سنڌي ٻوليء ۾ اسلامي تعليم عام ڪرڻ لاء چينل ٺاهيو ويو آهي۔ سنڌ جي مسئلن تي ڳالھ ٻولھ ڪبي ته جيئن ڪو حل ڳولي سگھجي۔ اخلاقيات ۽ معاشرت جا اسلامي اصول واضح ٻڌائبا ته جيئن اسلامي تعليم تي عمل ڪري دنيا ۽ آخرت جي ڪاميابي حاصل ڪجي۔
اسلامي کي صحيح طريقي سان سمجھڻ لاء قرآن مجيد کي سمجھڻ لازم آهي، قرآن مجيد کي عربي ٻولي سکڻ کانسواء سمجھڻ ڏکيو آهي۔ انهيء لاء عربي ٻولي به سولي ۽ جديد طريقي سان سيکاري ويندي ته جيئن قرآن فهمي ۾ سولائي ٿئي۔
فرقيواريت کان بالاتر ٿي اتفاق، اتحاد ۽ امن جو پيغام عام ڪيو ويندو۔