MIR MUSHTAQ ALI KHAN TALPUR MIR ALI NAWAZ ALI KHAN TALPUR
Автор: TMK Express
Загружено: 2025-12-10
Просмотров: 10
مير علي نواز ٽالپر جو پيغام
ٽنڊومحمدخان (ٽي ايم ڪي ايڪسپريس نيوز)
ضلعي ٽنڊومحمدخان جي هر دلعزيز شخصيت، عوامي خدمات ۾ سدائين اڳڀرو رهندڙ مير مشتاق ٽالپر جي اوچتي وڇوڙي ضلعي کي سوڳوار ڪري ڇڏيو. علائقي جي تعمير، ترقي، سماجي سهڪار ۽ عوامي ڀلائي لاءِ سندن جدوجهد هميشه يادگار رهندي. مقامي ماڻهن موجب، “موت ته برحق آهي، پر اهڙا املهه هيرا جڏهن وڇڙن ٿا ته سماج ۾ خال ڇڏيو وڃن ٿا، جيڪي ورهين تائين ڀرجي نه سگهندا آهن.
مير مشتاق ٽالپر جي شخصيت کي علائقي ۾ امن، احترام ۽ ڀائيچاري جي علامت طور ڏٺو ويندو هو، ۽ سندن لاڏاڻو ضلعي لاءِ وڏو نقصان قرار ڏنو پيو وڃي.
مرحوم جي فرزند مير علي نواز ٽالپر ٽي ايم ڪي ايڪسپريس سان ڳالهائيندي گهري جذبات جو اظهار ڪندي چيو:
“منهنجي پيءُ جو وارث فقط آئون نه آهيان، پر سڄو ٽنڊومحمدخان آهي. بابا جنهن محبت ۽ عزت سان هن شهر وارن کي پنهنجو سمجهيو، اڄ ساڳي محبت ۽ ساڳيو ساٿ اسان کي ڏک جي گهڙي ۾ مليو. هر اهو شخص جيڪو بابا سان محبت ڪندو هو، اهو بابا جو وارث آهي. اسان سڀني سان جيڪا ڀائپي نڀائي وئي، ان لاءِ مان دل جي گهراين سان ٿورا مڃيان ٿو.”
ضلعي جي سياسي، سماجي ۽ برادري جي ماڻهن پاران تعزيت جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته مرحوم جي خدمتن کي ساراهيندي کين سچي معنيٰ ۾ “عوامي هيرو” قرار ڏنو پيو وڃي.
Доступные форматы для скачивания:
Скачать видео mp4
-
Информация по загрузке: