Популярное

Музыка Кино и Анимация Автомобили Животные Спорт Путешествия Игры Юмор

Интересные видео

2025 Сериалы Трейлеры Новости Как сделать Видеоуроки Diy своими руками

Топ запросов

смотреть а4 schoolboy runaway турецкий сериал смотреть мультфильмы эдисон
dTub
Скачать

shah Abdul latif Bhitai Jo kalam by Sikandar Janyaro | Sur kedaro

Автор: Ahsan Ali Rind - Official

Загружено: 2024-07-08

Просмотров: 54

Описание:

#هلو_تڪيا_پسون_تن_جا: #محرم #شھداء #ڪربلا = 02

= Date - 08/07/2024
= Video Numbar - 48

#سُر_ڪيڏارو ۾ ڪربلا جي شھيدن کي ڀيٽا:

مختصر تحرير سان گڏ شھزادن جو شان سائين #سڪندر_جانيارو جي زباني سر #ڪيڏارو مان ورد.

محرم الحرام جي معنيٰ
•·•·•·•·•·•·•·•·•·••·•·•·•·•

محرم الحرام اسلامي ڪئلينڊر جو پھريون مقدس مھينو آهي، جنھن جي معنيٰ آهي ٫٫حرام ٺهرايل يا منع ڪيل،، ڇاڪاڻ تہ ڪائنات جي نبي ڪريم صليﷲعليه وآلهٖ وسلم جن جي زماني ۾ ۽ اُن کان پھرين بہ: هن محرم مھيني ۾ جنگ، جهيڙو ۽ تضاد پيدا ڪرڻ، ڪبيرو گناهہ ۽ حرام ڪري ليکيو ويندو هو. تنھنڪري مسلمان هن مھيني کي تمام گهڻو معزز ۽ معتبر مھينو تصّور ڪندا هئا/آهن، ۽ هن مھيني ۾ روزا رکي عبادٿ پڻ ڪندا آهن، جنھن جو تمام گهڻو ثواب حاصل ٿئي ٿو. ايتري اهميت، عزت، منع ۽ روڪڻ باوجود يزيد محرم مھيني جو ڪو بہ تقدس نہ ڪيو، ۽ هن ئي مھيني جي ڏھين تاريخ تي اقتدار جي بُري لالچ ۾ اچي، نَشٖي ۾ ڌُت بڻجي، ظلم جا سڀ رڪارڊ ٽوڙي، نبي آخر زمان حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جن جي پياري ڏوهٽٖي، حضرت علي عليه السلام ۽ بي بي فاطمہ الزهريٰ جي لختِ جگر، جنت جي سردار حضرت امام حُسين عليہ السلام کي ساٿين سميت شھيد ڪري ڇڏيو. اُن کان پوءِ هر سال محرم مھينو تہ موٽي اچي ٿو، مگر امام صاحبن جي ياد هر مسلمان ۽ مومن مردن ۽ عورتن جي دلين ۾ اڄ بہ زنده آهي. اسلامي دنيا ۾ جڏھين محرم جو چنڊ ڏسبو آهي، تہ مسلمانن جي دلين ڪجهہ هن طرح جا گوندر گڏيل تاثرات هوندا آهن جن جو ذڪر ڀٽ جي ڀٽائي ؒ هيٺين لفظن ۾ هن طرح ڪيو آهي:

ڏِٺـو مُـحَـرمُ ماهُہ، سَنڪو، شَـھِـزادَنِ ٿِيـو،
ڄاڻٖي هٖـيڪُ ﷲُ، پاڻَ وَڻَندِيُون جو ڪَري.
[سُر .. ڪيڏارو، داستان .. پھريون]

مُـحَـرمُ مـوٽِـي آئِـيـو، آئِـيـا تـانۡ نَـہ اِمـامَ،
مَدِينٖـي جا ڄامَ، مولا! مُون کي مٖـيڙِيـٖيـن.
[سُر .. ڪيڏارو، داستان .. پھريون]

مُـحَـرمُ مـوٽِـي آئِيـو، موٽِيا تان نَہ اَمِيــرَ،
مَـدِيـنٖـي جـا مِـيـرَ، ڏاتَـرَ! مُون ڏٖيکارِيـٖين.
[سُر .. ڪيڏارو، داستان .. پھريون]

محرم الحرام جو چنڊ ڏسڻ سان ئي عالَم اسلام ۾ درد، ڏُک، ۽ غم جي فضا ڇانئجي ويندي آهي. هر طرف هر اکَ آلي ڏسڻ ۾ ايندي آهي، ۽ ٫٫يا حسين،، جون صدائون بلند ٿي وينديون آهن. حضرت عباس عليہ السلام جن جي علم پاڪ جي ياد ۾ شھرن، گلين، گهرن ۽ ڳوٺن تي لکين علم پاڪ نمودار ٿيندا آهن. امام بارگاهن ۽ پڙن ۾ شُھداءِ ڪربلا جي ياد ۾ مجلسون ڪوٺائي سندن مانُ، شانُ ۽ اسلام لاءِ ڏنل لازوال قربانيءَ تي عالم ۽ ذاڪر روشني وجهي، کين بيمثال خراجِ عقيدت پيش ڪندا آهن، ۽ شھيدن طرفان ڪربلا جي ميدان تي ڏيکاريل بھادرانا ڪردار صبر، شڪر ۽ ايمان جي اعليٰ نموني کي بيان ڪندا آهن. سال جو پھريو محرم جو مھينو مسلمانن لاءِ انتھائي ڏکن ڀريو ۽ افسوس ناڪ جذبن سان ڏيک ڏيڻ لڳندو آهي ۽ ڪربلا جي ڪوس ۽ قھر تي ڪائنات جا رنگ بہ جهڪا ٿي پوندا آهن. ماڻھو، ملائڪ، پکي، جانور ۽ هن جهان جو ذرو ذرو مُنجهيل ۽ مايوس محسوس ٿيندو آهي. هر طرف هر دل ۾ غمِ حُسين عليہ السلام جو تڏو وڇايل هوندو آهي. غم جي اهڙي ماحول جو منظر ڀٽ جي ڀٽائي ؒ هن طرح بيان ڪيو آهي:

ڏِٺـو مُــحَــرمُ مــاهَہ، سَــنـڪـو شَـھِـزادَنِ ٿِـيـو،
مَـڪٖـي، مَدِيـنـٖـي، ماڙهُـوئٖـيـن، رُنـو مَـٿٖـي راهَہ،
تَنھِن واحِدَ کي واهَہ، جو حُڪُمَ هِهَڙا ئِي ڪَرٖي.
[سُر .. ڪيڏارو، داستان .. پھريون]

حَـسَــنَ، مِـيـرَ حُـسَــيـنَ کـي، رُنـو ٽِــنِ ٽـولَــنِ،
گَهرِ ماڙھُوئين، جَهنگِ مِرُوئٖـين، اُڀَنِ ۾ مَلـڪَنِ،
پَـکِـيَـنِ پـاڻُ پَـڇـاڙيـو، تَـہ لَـڏِيـو هـوتَ وَڃَـنِ،
اَلا! شَـھِـزادَنِ، سـوڀُـون ڏِئــٖــيـن سَـچــا ڌَڻِــي.
[سُر .. ڪيڏارو، داستان .. ڇھون]


ڪـامِـلَ ڪَـربَـلا ۾، اَهۡـلِ بَـيۡــتَ آيـا،
مارٖي مِصۡـرِيَنِ سٖين، تَنِ ڪافِرَ ڪَنبـايا،
سَچُ ڪِ بِيبِيَ ڄايا. هِهَڙا سُورِهَ سُپِرِين.
[سُر .. ڪيڏارو، داستان .. ٻيو]

ڪـامِـــلَ ڪَــربَــلا ۾، آيـا سَـيّــدَ شٖــيــرَ،
مـارٖي مِـصۡـرِيَـنِ سٖيـن، ڍُنـڍَ ڪِيـائُـون ڍٖيـرَ،
دَهلِئا اُتِ دِلـٖيرَ، پَسِي حَملو مِيرَ حُسَيۡنَ جو.
[سُر .. ڪيڏارو، داستان .. ٻيو]

ڪامِـلَ ڪَـربَـلا ۾، آيـا جُـنـگَ جُـوانَ،
ڌَرتِـي ڌُٻِـي، لَـــرزِي، ٿَـرٿَـلِـئـا آسۡـمانَ،
ڪَرَهَہ هُئِي ڪانَ، هو نِظارو نِيهَ جو.
[سُر .. ڪيڏارو، داستان .. ٻيو]

ڪــامِــلَ ڪَــربَــلا ۾ پــاڻَ آيــا پـــٖيــھِــي،
پَـهُ ڪِـئـــائُـون پـــاڻَ ۾، مُـقــابِـلِ وٖيــھِــي،
قَضا هِيَّ ڪٖيھِي، هَيءِ! هَيءِ! ٿِي حُسَيۡنَ سٖين.
[سُر .. ڪيڏارو، داستان .. ٻيو]

ڪامِــلَ ڪَــربَــلا ۾، آيــا اَڄُ اَمِــيــرَ،
وٖيھِـي وٖيـرِنِ سامُـھا، تِـکا هَنيـائُون تِـيـرَ،
هُئِـي اِيَ تَـقـدِيـرَ، اِمـامَـنِ سٖـيـن اَڳَـھِيــن.
[سُر .. ڪيڏارو، داستان .. ٻيو]

مددي ڪتاب:

تحرير - ڪتاب هلو تڪيا پسون تن جا - (مصري مخمور مھيري)
سر ڪيڏارو جا بيت - شاهه جو رسالو - (غلام محمد شاهواڻي)

Join Facebook Guroop Bhit Jo Bhitai
Link _ https://www.facebook.com/share/TsWb3E...

You tube _    / @ahsanalirind-official  

Tiktok _ https://www.tiktok.com/@ahsan_ali_rin...

#ShahBhittai #BhitShah #JiyeLatif
#latifiyat #latif #ShahAbdulLatifBhittai
#SindhiMedia #Sindh #india #کربلا

#هلندڙ... @ہر کوئی @نمایاں کریں

از - حقير فقير احسان علي رند.

shah Abdul latif Bhitai Jo kalam by Sikandar Janyaro | Sur kedaro

Поделиться в:

Доступные форматы для скачивания:

Скачать видео mp4

  • Информация по загрузке:

Скачать аудио mp3

Похожие видео

Ustad Mithoo Kachi Cho Tho Sataeen Moonkhey

Ustad Mithoo Kachi Cho Tho Sataeen Moonkhey

shah Abdul latif Bhitai | Sur kedaro by Sikandar Janyaro

shah Abdul latif Bhitai | Sur kedaro by Sikandar Janyaro

sur kedaro by Sikandar Janyaro #year2024

sur kedaro by Sikandar Janyaro #year2024

Внутри тюремной реабилитации Талибана для наркозависимых

Внутри тюремной реабилитации Талибана для наркозависимых

مولود شريف جلسو عيد ميلادالنبي شھر ٻگھاڻ(محمد بخش موچي۔  جسڪاڻي۔ ۔molod shareef

مولود شريف جلسو عيد ميلادالنبي شھر ٻگھاڻ(محمد بخش موچي۔ جسڪاڻي۔ ۔molod shareef

Sur Sasui | by Faqeer Abdul Kareem Lund | Saha Jo Risalo | Part 01

Sur Sasui | by Faqeer Abdul Kareem Lund | Saha Jo Risalo | Part 01

آ چر مشڪرو سبني جو ٻدل آھي ڪنھجو ڏٺل ناھي آچر. مشڪرو

آ چر مشڪرو سبني جو ٻدل آھي ڪنھجو ڏٺل ناھي آچر. مشڪرو

Molvi Haji Ahmed Mallah | مولوي حاجي احمد ملاح | Faiz Khoso Old Stories

Molvi Haji Ahmed Mallah | مولوي حاجي احمد ملاح | Faiz Khoso Old Stories

shah Abdul latif Bhitai Jo kalam by Sikandar Janyaro | Part 02 | Bhit Jo Bhitai

shah Abdul latif Bhitai Jo kalam by Sikandar Janyaro | Part 02 | Bhit Jo Bhitai

Акунин ошарашил прогнозом! Финал войны уже решён — Кремль скрывает правду

Акунин ошарашил прогнозом! Финал войны уже решён — Кремль скрывает правду

Ustad Mithoo Kachi, sara na war thym makan disi disi

Ustad Mithoo Kachi, sara na war thym makan disi disi

Latifyat by Sikandar Janyaro | Bhit Jo Bhitai

Latifyat by Sikandar Janyaro | Bhit Jo Bhitai

ڀٽ ڌڻي جي تاريخي تڪئي تي نامور شاعر سائينءَ يوسف سولنگي  بشير اوڍيجو سان ريهاڻ

ڀٽ ڌڻي جي تاريخي تڪئي تي نامور شاعر سائينءَ يوسف سولنگي بشير اوڍيجو سان ريهاڻ

استاد مٺو ڪڇي جو شاگرد فن جو مظاهرو ڪندي.

استاد مٺو ڪڇي جو شاگرد فن جو مظاهرو ڪندي.

Городок -

Городок - "По недоразумению"

#هلو_تڪيا_پسون_تن_جا: Sikandar Janyaro

#هلو_تڪيا_پسون_تن_جا: Sikandar Janyaro

molvi haji ahmed mallah poetry |||translation holy quran

molvi haji ahmed mallah poetry |||translation holy quran

Mufti Ismail Qasmi #muftiismailqasmi

Mufti Ismail Qasmi #muftiismailqasmi

Hat Hat Habib aayu, Ustad Mithoo Kachi

Hat Hat Habib aayu, Ustad Mithoo Kachi

The matter of an old age||talking about old age| sugharh Tarachand

The matter of an old age||talking about old age| sugharh Tarachand

© 2025 dtub. Все права защищены.



  • Контакты
  • О нас
  • Политика конфиденциальности



Контакты для правообладателей: [email protected]