Sayed Mauzzam Rizvi- hekhlo Shabir ain lasha ghana- هيکلو شبير ۽ لاشا گهڻا
Автор: Jokhio's
Загружено: 2025-07-04
Просмотров: 72
مجد علي مڱڻھار جا رثائي ٻول... هيکلو شبير ۽ لاشا گهڻا....
سيد معظم رضويءَ جي آواز ۾
ذريعو: سيد عبدالحسين موسوي
هيکلو شبير ۽ لاشا گھڻا.
ويس ڪربل خون جا پاتا گهڻا.
خون مولا پنھنجو تڏهن پياريو
ڪربلا ۾ تير ها پياسا گهڻا.
ڪيئن مشڪل ۾ ڇڏن شبير کي
دوست سڀ مولا جا ها گهاٽا گهڻا.
دين تي سڀني ڪئي هئي ڇانوَ پر
دين تي اصغر ڪيا پاڇا گھڻا.
سانئڻ زينب کي ها پيرن ۾ زخم
دل تي لفظن جا ها پر ڇالا گهڻا.
رات اصغر ياد آيو ماء کي
ماءُ بدلايا پئي پاسا گهڻا.
نير پئي عابد وهايا مختلف
نير پر ان ۾ هئا ڳاڙها گهڻا.
حر جي معافيء مان ٿيو ثابت آهي
ٿيندا امجد هت هاڻي آجا گهڻا
Доступные форматы для скачивания:
Скачать видео mp4
-
Информация по загрузке: