O Baba Tuhinji Ladli Dhee Sakina | Sindhi Noha | Gul Hassan Samo | Irshad Jagirani
Автор: Irshad Jagirani
Загружено: 2025-07-01
Просмотров: 4415
#irshadjagirani #Gulhassansamo
هن ڪلام جا سمورا حق ۽ واسطا ارشاد جاگيراڻي وٽ محفوظ آهن
شاعر ارشاد جاگيراڻي
او بابا وو تنهنجي لاڏلي ڌيء سڪينا اڄ
صبح لاڪون توکي ساري ٿي
۽ آب اکين مان هاري ٿي
هڪ ڳالهه چوانء ٻڌي سگهندين
زندان جي گرمي ماري ٿي
او بابا وووووو۔۔
١) او بابا وو تو ته نازن سان مونکي پاليو هو
اڄ مونکي ڳٽي تي چماٽ هڻي
هتي آيا مونکي خبيص کڻي
او بابا وووووو۔۔
٢) او بابا وو تنهنجو سينو ناهي ڪيئن سمهان
تون سمهاريندو هئين مونکي دعائون پڙهي
اچي ننڊ ويندي هئي پوء مٺڙي
او بابا وووووو۔۔
٣) او بابا وو سڪ چاچي عباس جي لڳي آ
نه عباس آهي نه علي اڪبر
مان ڪاڏئون آڻيان علي اصغر
او بابا وووووو۔۔
٤) او بابا وو توکي اچي ڀاڪر پايان ها
ڪاش هتان نڪري سگهان ها
ٿي پکي اڏري سگهان ها
او بابا وووو۔۔۔۔
٥) او بابا مونکي منهنجو ساڳيو گهر کپي
جنهن گهر ۾ امان هوندي آ
قربان مون مٿان ٿيندي آ
او بابا وووو۔۔۔
٦) او بابا وو مونتي شفقت جو هٿ ڪير رکي
ڪير مونکي تو بنا پاليندو
ڪير زندگي جبل جاليندو
او بابا وووو۔۔۔۔
٧) او بابا وو منهنجو مٿو مٽي سان ٿو لڳي
تنهنجي ٻانهن وارو وهاڻو کپي
منهنجو بابا مونکي نماڻو کپي
٨) مومنو هن درد ڪهاڻي کي لکندي
ارشاد جاگيراڻي رنو آ
ڀڄي ڳوڙهن سان پيو پنو آ
او بابا وووو۔۔۔
Доступные форматы для скачивания:
Скачать видео mp4
-
Информация по загрузке: